انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊور ٽائيز

انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊور ٽائيز (اخبار): هيءُ هفتيوار اخبار 1910ع کان کيئارام ايلداس آهوجا جي ادارت هيٺ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لڪشمي پريس شڪارپور مان ڇپجي پڌري ٿيندي هئي. سن 1914ع ۾ اخبار جي ادارت ٽيڪچند ويرو مل گوڪلاڻيءَ سنڀالي. 1915ع ۾ وشنداس پنجو مل ڀاٽيه اخبار جي ادارت جا فرائض سنڀاليا. هن اخبار جي شروعات ۾ پاليسي وڻج واپار کي هٿي ڏيڻ هئي، پر پوءِ پهرين جنگ عظيم سبب ملڪي ۽ عالمي سياست تي نهايت ئي بي باڪيءَ سان خبرون ۽ مضمون شايع ڪندي رهي. جنهن جي نتيجي ۾ سرڪار پبليڪيشن آرڊيننس ۽ سن 1910ع جي انڊين پريس ايڪٽ (1) 3 ۽ (1) 8 تحت اداري کان هڪ هزار روپين جي سيڪيورٽي طلب ڪئي، پر ان وقت اها رقم اداري ۽ ايڊيٽر جي ادائگيءَ کان گهڻي هئي. جنهن سبب سندس ڪيل گذارش تي سرڪار اها رقم گهٽائي پنج سئو روپيا ڪئي. هيءَ اخبار ان رقم ڀرڻ بعد ڪافي متاثر ٿي. هن اخبار جي سرڪيوليشن هزار ڪاپين تائين پهتل هئي، جا بعد ۾ گهٽجي پنج سئو ڪاپين تي پهتي، ملڪي حالتن ۽ قانوني گرفت سبب هيءَ اخبار وري ساڳيو اوج ماڻي نه سگهي ۽ بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو